سنڌي انسٽالر

سنڌي انسٽالر ونڊوز ، مئڪنٽوش ۽ لنِڪس لاءِ ٺاهي، اوهان جي استعمال لاءِ مهيا ڪيا ويا آهن، جن وسيلي هاڻي دنيا جي ڪنهن به پرسنل ڪمپيوٽر ۾ مناسب سنڌي سپورٽ انسٽال ڪري، ان ۾ سنڌي ۾ ڪم ڪري سگھجي ٿو. ونڊوز ، مئڪنٽوش ۽ اُبنٽو لنِڪس لاءِ انسٽالر مون ٺاهيا آهن ۽ ٽيسٽ ڪري به ڏٺا اٿم. اُبنٽو جي نئين ورشن 10.04 ۾ ٽيسٽنگ ڪيل آهي ۽ مون ان سسٽم ۾ سنڌي لاءِ بهترين سپورٽ ڏٺي آهي. ان ۾ فري اوپن آفس به آهي جنهن ذريعي سنڌي ڊاڪومينٽز، ڪتاب، پريزينٽيشن ۽ ويب پيج آساني سان ٺاهي سگھجن ٿا. ريڊ هيٽ لِنڪس لاءِ انسٽالر ڪجھه ورهيه اڳ عبدالرحيم نظاماڻي صاحب ٺاهيو هو. ان کان علاوه شبير ڪنڀار ۽ دوستن جي ڪاوشن سان ٺاهيل ويڊيو به هن صفحي ۾ هيٺ ڏجي ٿي جنهن ۾ تمام آسان انداز ۾ سمجھايل آهي ته ونڊوز ۾ سنڌي ڪيئن انسٽال ڪجي ۽ استعمال ڪجي. گڏوگڏ ٻيا تربيتي ويڊيو ٽيوٽوريل به ڏنا اٿم جيڪي بيحد مددگار آهن.


ونڊوز8 انسٽالر


ونڊوز انسٽالر


ايپل مئڪنٽوش انسٽالر


اُبنٽو لنِڪس انسٽالر


ريڊ هيٽ لِنڪس انسٽالر
.........
شبير ڪنڀار ۽ سندس سٿ جا سکيا ويڊيو
ونڊوز ۾ سنڌي انسٽال ۽ استعمال ڪرڻ جو سکيا ويڊيو



سنڌي ويب ڪيبورڊ انسٽال ۽ استعمال ڪرڻ جو سکيا ويڊيو



اڊوبي سي ايس 4 فوٽوشاپ، السٽريٽر ۽ ان ڊزائن ۾ سنڌي استعمال ڪرڻ جو سکيا ويڊيو

majidbhurgri@yahoo.com

ويب سائٽ جي فهرست