تمام گھڻي عرصي کان دوستن جو اصرار هو ته هن ويبسائيٽ ۾ استعمال ڪيل ايم بي خورشيد فونٽ رليز ڪيو وڃي. هن موقعي تي مان اهو به پيش خدمت ڪيان ٿو. ونڊوز لاءِ نئون ڪيبورڊ به ترتيب ڏنو اٿم. فونٽ ۽ ڪيبورڊ نئين انسٽالر ۾ شامل آهن. هي فونٽ مون پنهنجي امڙ جي نالي تي ٺاهيو آهي. فونٽ استعمال ڪرڻ ۽ ورهائڻ جي هر ڪنهن کي عام اجازت آهي. صرف عرض اهو آهي ته نالو نه مٽائجو ۽ جتي استعمال ڪيو اتي ان باري ۾ ٻه اکر لکي ڇڏجو.
هي سنڌي جي پهرين ويب سائيٽ هئڻ کان علاوه سنڌي جي واحد ويب سائيٽ آهي جيڪا توهان ونڊوز، ايپل مئڪنٽوش ۽ لنِڪس، اينڊرائڊ وغيره، يعني سڀني آپريٽنگ سسٽمز ۾ صحيح طريقي سان ڏسي سگھو ٿا. اميد اٿم ته سنڌي دوست ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي سنڌي وڌ ۾ وڌ استعمال ڪري پنهنجي ٻوليءَ جي پنهنجي وت آهر خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. ونڊوز ۾ سنڌي ڪيئن انسٽال ڪجي تنهن لاءِ شبير ڪنڀار ۽ دوستن جو هي مددگار ويڊيو سنڌي انسٽاليشن ٽيوٽوريل ڏسو. منهنجي ويبسائيٽ متعلق پنهنجي رايا مون کي اي ميل ڪندا ته شڪرگذار رهندس.
ناچيز
عبدالماجد ڀرڳڙي
25
اپريل
2010
majidbhurgri@yahoo.com
سنڌي ۾ هڪ معياري ويب سائٽ جي بيحد ضرورت کي محسوس ڪندي مون هن ويبسائٽ سان ابتدا
ڪئي آهي. هن ويب سائٽ ۾ سنڌي کان علاوه ٻين ٻولين، جهڙوڪ انگريزي، اردو ۽ سرائيڪي
وغيره جا ويب پيج به شامل ڪيا ويندا.
سڀني کان اول منهنجي ڪوشش هوندي ته شاه سائين جو رسالو، سائين سچل سرمست جو رسالو،
قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمون ۽ سنڌي ادب جا موتي ۽ ماڻڪ هنن صفحن جو سينگار بڻجن.
منهنجي ڪوشش هوندي ته وڌ ۾ وڌ معياري سنڌي ادب کي انٽرنيٽ شائع ڪجي. توهان دوستن کي
اها خبر ضرور هجي ته هي سنڌي اخبارن وانگر اميج نه آهن بلڪ سنڌي ٽيڪسٽ آهي جنهن کي
ڪاپي ۽ پيسٽ ڪري سگھجي ٿو، پرنٽ ڪري سگھجي ٿو، منجهس استعمال ڪيل لفظن جي ڳولها
يعني سرچ ڪري سگھجي ٿي ۽ اهي مضمون ۽ عبارتون ٻيهر استعمال ڪري سگھجن ٿيون. وقت سان
انهن جي انٽرنيٽ تي به سرچ ڪري سگھبي جيئن انگريزي لاءِ هينئر ڪري سگھجي ٿي.
هنن سنڌي ويب پيجز کي ونڊوز تي انٽرنيٽ ايڪسپلورر برائوزر جي
نئين ورشن ذريعي آساني سان ڏسي سگھجي ٿو. مون اها ڪوشش ڪئي آهي ته جيڪڏهن
توهان وٽ سنڌي فانٽ نه به هجن تڏهن به توهان بغير ڪنهن مشڪل جي انهن صفحن کي ڏسي
سگھو. سنڌي ويب پيج کي بهتر طرح سان ڏسڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته اوهان فانٽ ايج
سموٿنگ کي استعمال ڪيو.
جيڪي سنڌي دوست پنهنجا مضمون يا رايا شائع ڪرڻ لاِ موڪلڻ چاهن، انهن لاءِ مون آن
لائن سنڌي ايڊيٽر به ترتيب ڏنو آهي جنهن کي استعمال ڪرڻ واسطي اوهان کي سنڌي سپورٽ،
سنڌي ڪيبورڊ، سنڌي فانٽ مان ڪنهن کي به انسٽال ڪرڻ جي زحمت ڪرڻي ڪانه پوندي.
انٽرنيٽ تي ئي توهان سنڌي ۾ لکي سگھو ٿا ۽ ان فائل کي محفوظ save ڪري ڪنهن ڏانهن به
سنڌي اي ميل موڪلي سگھو ٿا يا سنڌي مسودو ترتيب ڏيئي سگھو ٿا.
جيڪڏهن توهان وٽ ونڊوز ايڪس پي يا وسٽا آهي ته پوءِ اوهين سنڌي انسٽالر ڊائون
لوڊ ڪري پنهنجي سسٽم تي سنڌي ڪيبورڊ ۽ فانٽ استعمال ڪري نه رڳو سنڌي لکي سگھو ٿا
بلڪ هن جهڙا سنڌي ويب پيج به ٺاهي سگھو ٿا.
دعائن جو طالب
عبدالماجد ڀرڳڙي
14 جولائي 2004
majidbhurgri@yahoo.com