شاه
سائين جي رسالي جي انٽرنيٽ ۽ ورلڊ وائيڊ ويب تي اشاعت کانپوءِ مون تي اها مهر ٿي جو
سچل سائين جي سنڌي ڪلام جي ساڳي طرح سان اشاعت جي سعادت به منهنجي نصيب ۾ آئي. 14
رمضان المبارڪ تي سچل سائين جي عرس جي مبارڪ موقعي تي مان هي سوکڙي سنڌواسين جي آڏو
پيش ڪيان ٿو. هن سلسلي ۾ مان
شاه نواز سومري
۽ محمد حبيب سنائي جو ٿورائتو آهيان جن جي محنت سان
ڪيل ٽيڪسٽ اينٽري کان بنان منهنجي ڪوشش اڌوري رهي ها.
دعائن جو طالب
عبدالماجد ڀرڳڙي
22 نومبر 2005
majidbhurgri@yahoo.com